April 5, 1913
نيلز بوھر (Niels Bohr) اڄوڪي ڏينھن 5 اپريل 1913ع ۾ نئين ائٽمي خاڪي تي ھڪ مقالو لکيو جنھن جو عنوان”ائٽم ۽ ماليڪيولن جي جوڙجڪ“ ھو.
اُووڻيھن صدي عيسوي جي آخر ۾ اليڪٽران ۽ تابڪاري جي عمل (radioactivity) جي دريافتن ائٽم جي جوڙجڪ لاءِ مختلف خاڪن (models) کي جنم ڏنو. 1913ع ۾ نيلز بوھر ھائيڊروجن ائٽم لاءِ ڪوانٽم نظريي (quantum theory) جي بنياد تي ھڪ نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق توانائي فقط خاص مقدارن ۾ منتقل ٿئي ٿي. اليڪٽرانن کي ائٽم جي مرڪز (nucleus) جي چوڌاري خاص مدارن ۾ گردش ڪرڻ گهرجي. جڏھن اليڪٽران گهٽ توانائي واري مدار مان وڌيڪ توانائي واري مدار ۾ ٽپو لڳائين ٿا تہ اھي روشنيءَ جو ھڪ ڪوانٽم (quantum) خارج ڪن ٿا. بوھر جو نظريو ھن ڳالھ جي وضاحت ڪري سگهي ٿو تہ آخر ائٽم مقرر لھري ڊيگهن (wavelengths) ۾ روشنيءَ کي خارج ڇو ڪن ٿا؟
نيلز بوھر کي ائٽمي خاڪي تي 1922ع ۾ فزڪس جو نوبيل انعام ڏنو ويو
Tags:
CHEMISTRY