Discovery of a New Planet, Proxima B Which is in the habitable zone for life

 

ھڪ نئين گرھ جي دريافت

جيڪو زندگي لاءِ موافق واري علائقي (habitable zone) ۾ آھي
proxima centauri proxima b proxima centauri b nearest star to earth nearest star to sun the nearest star to the earth is nearest star proxima centauri signal proxima b planet centauri b proxima centauri planets blc1 signal nearest star to earth after sun nearest star to planet earth nearest star to our solar system star nearest to the earth proxima centauri a proxima centauri star centauri star proxima star proxima signal proxima centauri solar system our nearest star alpha proxima proxima centauri in hindi nearest star system the nearest star after the sun nearest star to solar system proxima b signal proxima planet b centauri the star nearest to earth the sun is the nearest star to the earth the nearest star to our solar system nearest star to us proxima cen b the nearest star of the earth proxima centauri from earth proxima b centauri centauri planet blc1 radio signal nearest star to the earth is proxima centauri galaxy the nearest star to the earth after the sun is after sun which is the nearest star to the earth nearest star in earth nearest star to earth is proxima b surface second nearest star proxima centauri in the night sky proxima centauri planetary system centauri solar system sun and proxima centauri proxima solar system proxima b solar system name of nearest star to earth the nearest star to the earth after sun nearest habitable solar system signal proxima centauri radio signal proxima centauri 982.002 mhz proxima centauri radio bintang proxima centauri elite dangerous proxima centauri proxima space proxima centauri b solar system proxima centauri tere liye seti proxima centauri tere liye proxima centauri proxima radio signal centauri signal alfa proxima the nearest star to our earth buku proxima centauri tere liye blc 1 signal proxima centauri blc1 latest news


سائنسدانن ڌرتيءِ جھڙو ھڪ ٻيو گرھ دريافت ڪيو آھي جيڪو اسان جي شمسي نظام جي سڀ کان ويجھڙائي ۾ موجود تاري جي چوڌاري مدار ۾ گردش ڪري رھيو آھي. اھا تحقيق فيبروري 2022ع ۾ شايع ٿي آھي.
فلڪياتدانن جي ھڪ جماعت کي ڌرتيءِ کان چار نوري سال ڏور موجود پروڪسيما سينچاري (Proxima Centauri) نالي تاري جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھ جا ثبوت مليا آھن. پروڪسيما سينچاري، اسان جي سج کان پوءِ ٻيو ويجھڙائي ۾ موجود تارو آھي. دريافت ٿيندڙ ھن نئين گرھ جو نالو پروڪسيما سينچاري ڊي (Proxima Centauri d) يا پروڪسيما ڊي (Proxima d) رکيو ويو آھي. ھن گرھ جو مدار پروڪسيما سينچاري تاري کان لڳ ڀڳ 40 لک ڪلوميٽر (25 لک ميل) جي مفاصلي تي آھي. پروڪسيما ڊي گرھ جو مدار زندگي لاءِ موافق واري علائقي يا ھنڌ (habitable zone) ۾ آھي. ھن علائقي ۾ پاڻي گرھ جي سطح تي پاڻياٺ جي شڪل موجود ٿي سگهي ٿو.
شمسي نطام کان ٻاھر موجود اھو گرھ (Exoplanet) پنھنجي تاري جي چوڌاري فقط 5 ڏينھن ۾ ھڪ چڪر مڪمل ڪري وٺي ٿو. پرڪسيما ڊي گرھ شمسي نظام کان ٻاھر موجود گرھن ۾ سڀ کان گهٽ گهاٽائي رکندڙ گرھ آھي. ھن گرھ جي دريافت ھم مرڪز رفتار (radial velocity) جي حرفت کي استعمال ڪري ڪئي وئي. اھا حرفت گرھ جي ثقلي ڪشش جي نتيجي ۾ گردش ڪندڙ تاري جي حرڪت ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍين ننڍين لرزشن تي ڪم ڪري ٿي.
پروڪسيما ڊي جا ثقلي ڪشش اثر لڳ ڀڳ نہ ھجڻ جي برابر آھن. اھو ثقلي ڪشش جو اثر پروڪسيما سينچاري کي فقط 40 سينٽي ميٽر (15 انچ) اڳتي پوئتي حرڪت ڏيارڻ جو سبب بڻجي ٿو. تازو ٿيل اھا دريافت ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ملڪ چلي (Chile) ۾ قائم ڏاکڻي يورپي تجربيگاھ (European Southern Observatory) جي تمام وڏي دوربين (very large telescope) (VLT) ۾ ڪئي وئي.
اھو گرھ ھن ساڳئي ئي نظام ۾ دريافت ٿيندڙ ٽيون گرھ آھي. اھو گرھ اڄ تائين شمسي نظام کان ٻاھر دريافت ٿيل گرھن مان سڀ کان ھلڪو گرھ آھي. ھن جو مايو ڌرتيءِ جي مايي کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آھي. ھن دريافت مان اھا خبر پئي ٿي تہ سج کان پوءِ اسان جي سڀ کان ويجھڙائي وارو تارو دلچسپ دنيائن سان ڀريل آھي. اھي دنيائون وڌيڪ اڀياس ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ کوجنائن ۾ اھم ڪردار ادا ڪنديون. پروڪسيما سينچاري جا اڳ ۾ ئي ٻہ گرھ دريافت ٿي چڪا آھن. پروڪسيما بي ھڪ اھڙو گرھ آھي جنھن جو مايو ڌرتيءِ جي مايي جيترو آھي ۽ اھو 11 ڏينھن ۾ ھڪ چڪر مڪمل ڪري ٿو. اھو گرھ زندگي لاءِ موافق واري علائقي ۾ موجود آھي. ھن نظام جو ٽيون گرھ پروڪسيما سي (Proxima c) آھي اھو پنھنجي تاري جي چوڌاري ھڪ چڪر 5 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. پروڪسيما بي (Proxima b) ڪجھ سال اڳ ڏاکڻي يورپ جي تجربيگاھ جي 3.6 ميٽر قطر جي دوربين سان دريافت ڪيو ويو ھو.
DANDO TV

As Above

Post a Comment

spam links are not allowed.

Previous Post Next Post