How do stars and planets form?

stars planets pluto uranus night sky shooting stars meteor shower tonight mercury planet venus planet moon tonight solar system planets north star planets in order orion constellation saturn planet pluto planet jupiter moons star is born starchart the moon today the planet earth betelgeuse sun and moon alpha centauri j1407b uy scuti december zodiac sign evening star ophiuchus mars planet neutron star kepler 186f google mars mass of earth jupiter planet kepler 22b kepler 452b red planet sirius star orion's belt uranus planet kepler 442b hottest planet constellation meaning orion nebula neptune planet smallest planet jupiter tonight leo constellation makemake planets in our solar system solar system model magnetar biggest planet perseid meteor shower night sky tonight from my location kepler planet taurus constellation planet 9 the planets largest planet proxima b hottest planet in the solar system all planets our solar system terrestrial planets mars retrograde 2022 proxima centauri b closest star to earth coldest planet mars moons planet labs closest planet to the sun solar system planets in order closest planet to earth asteroid hitting earth ceres planet night sky tonight jovian planets exoplanets snapchat planet order 8 planets nasa james webb space telescope jupiter phobos moon planets in order from the sun smallest planet in solar system nearest star to earth nearest planet to earth james webb space telescope nasa jupiter largest planet in the solar system super earth planet nine inner planets new planet biggest planet in solar system earth like planets planets visible tonight about earth mars retrograde brightest planet


ستارا ۽ سيارا ڪئين ٺهندا آهن، ڌرتي جو دوزخ بڻجڻ، سج جي ڦوه جواني ۽ ڪراڙپ جا جلوا.

ڪائنات ۾ موجود ٻه هزار ارب ڪهڪشائن اندر گهڻي ڀاڱي هائڊروجن ۽ هيليم تي مشتمل گيس ۽ ڊسٽ نيبيولا يعني هائڊروجن جا بادل هوندا آهن جيڪي اسٽار نرسري جو ڪم ڪندا آهن. گيس ۽ ڊسٽ نيبيولا ڪيئي ارب ڪلوميٽر ويڪرا ٿي سگهن ٿا. نيبيولا جيڪو هڪ تمام وڏو گيس، ڊسٽ ۽ ڌاتوئي پارٽيڪلز جو بادل gas and dust cloud هوندو آهي. جڏهن ڪنهن نيبيولا جي پاسي ۾ موجود ڪو اسٽار ڌماڪي supernova blast سان ڦاٽندو آهي ته ڦاٽندڙ ستاري جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاما ري برسٽ ان نيبيولا ۾ گيس ڊسٽ جي بادل کي حرڪت swirl ۾ آڻيندا آهن، ان جي نتيجي ۾ نيبولا جو ڪجهه حصو circular motion ۾ اچي ويندو آهي، گريوٽي ۽ centrifugal force جي ڪري اهي ذرا هڪ مرڪز جي چوڌاري گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي قريب اچڻ شروع ٿي ويندا آهن، نتيجي ۾ ڪيترن ئي لکن سالن ۾ پروٽو اسٽار جڙندو آهي.

 مسلسل گردش ڪري پروٽو اسٽار جي چوڌاري  پلانيٽري ڊسڪ ٺهندي آهي جيڪا سينٽريفيوگل فورس ڪري مسلسل گھمندي رهندي آهي، جئين ته پلانيٽري ڊسڪ گيس، ڌاتو، پٿر ۽ ڊسٽ جي ٺهيل هوندي آهي ۽ ڊسڪ ۾ گردش هجڻ ڪري ڳرا ائٽم اسٽار جي سينٽر جي ويجهو هوندا آهن ۽ گيس ائٽمز ۽ ماليڪيول سرڪل جي آخري حصي ۾. لکن سالن جي ان گردش دوران اهي سالڊ ۽ گيس ذرا گريوٽي جي ڪري پاڻ ڏنهن اٽريڪٽ ٿيندا آهن ۽ ننڍا ننڍا پلانيٽ ٺهندا آهن.

جئين ته پروٽو اسٽار ستاري جي سينٽر ويجھو سالڊ پارٽيڪل هوندا آهن، ان ڪري ئي پنهنجو سولر سسٽم جا پهريان چار سيارا مٽي پٿر ۽ ڌاتو جا ٺهيل آهن(Rocky planets ) ۽ ٻاهرين ڊسڪ گهڻي ڀاڱي گيس هوندي آهي ان ڪري آخري چارئي سيارا گيس جا ٺهيل آهن(gas giants ).

 Planetary formation process

سيارا ٺهڻ جو پروسيس ذريعي هر ستاري ۾ ٺهندڙ سيارا مختلف سائز جا ٿي سگهن ٿا، اهو ڊپينڊ ٿو ڪري ته مختلف ستارا ڪيتري سائز جا آهن پروٽو اسٽار ۽ پلانيٽري ڊسڪ ڪيتري سائيز جي آ، ۽ سندس نرسري يعني گيس نيبيولا ڪيترو وڏو ۽ ڪيترو پراڻو آهي.

جئين ته ڪائنات ۾ هر ستاري جي پيدا ٿيڻ جو ساڳيو ئي طريقو آهي ان ڪري گهڻي ڀاڱي هر ستاري ۾ گهڻي ڀاڱي سيارا به هوندا آهن ۽ ڪجھ سيارا گولڊي لاڪ زون (سولر سسٽم جو اهو زون جتي پاڻي liquid حالت ۾ رهي سگهي، جئين زمين ۽ مريخ جي وچ وارو علائقو).

هڪ اندازي مطابق صرف اسانجي پنهنجي گيليڪسي ۾ ئي اربين زمين جهڙا سيارا موجود آهن.

اهو گهمندڙ هائڊروجن گيس جو بادل گريوٽي جي ڪري هڪ مرڪز ۾ جمع ٿيندو ويندو آهي ۽ ڪور يا سينٽر جو پريشر ۽ گرمي پد وڌندو ويندو آهي.

جڏهن ان ڪور جو گرمي پد هڪ ڪروڙ ڊگريز کان مٿي ٿي ويندو آهي ته ايتري شديد گرمي ۽ پريشر ۾ هڪ chain reaction start ٿي ويندو آهي جنهن کي fusion reaction چئبو آهي. هن ريئيڪشن ۾ ٻه هائڊروجن ائٽم فيوز ٿي هيليم جي هڪ ائٽم ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هن ريئيڪشن ۾ جيڪي گرمي يا هيٽ نڪرندي آهي اها سج سميت هر ستاري جي گرمي ۽ روشني جو سبب بڻبي آهي.

هر ستارو پنهنجي سائيز جي حساب سان زندگي ماڻيندو آهي، تمام وڏي سائيز وارا ستارا پنهنجي ڪور واري انجڻ ۾ هائڊروجن فيول کي وڌيڪ تيزي سان ساڙيندا آهن ۽ ڪجھ ڪروڙ سالن ۾ سپرنووا ۽ هائپرنووا ڌماڪي ۾ ڦاٽي مرندا آهن. جڏهن ته سج جهڙا يا ان کان ننڍا ستارا پنهنجو هائڊروجن فيول گهٽ رفتار سان ساڙي وڌيڪ زندگي ماڻيندا آھن ۽ گهٽ ۾ ڏھ ارب سالن تائين زندگي جو مزو وٺندا آهن. سج پنهنجي زندگي جا ساڍا چار ارب سال پورا ڪري چڪو آهي ۽ ڀرپور جواني ۾ آهي، سج وڌيڪ پنج ارب سال جيئرو رهندو ۽ پوء ريڊ ڊارف اسٽار ۽ آخر ۽ وائيٽ ڊارف اسٽار ۾ تبديل ٿي ويندو.

زمين تي وڌندڙ گرمي جا ٻيا به کوڙ سبب آهن پر هڪ سبب اهو به آهي ته جئين جئين سج پنهنجي ڦوه جواني مان پيري طرف پيو وڃي ته سندس جلوَن ۾ تِکاڻ ۽ تيزي پئي اچي.

زمين جو گرمي پد هونئن ئي وڌي پيو مٿان اٺ ارب جي آبادي زمين کي هر ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيل خراب پيا ڪن. جيڪڏهن انسان ايندڙ هڪ هزار سال ڪڍي ويو ته پوءِ ٻيا سيارا سندس انتظار پيا ڪن. باقي ايندڙ لک سالن ۾ زمين تي شايد ڪجهه لک ماڻهو شديد گرمي پد ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان رهي سگهن باقي ڪائنات جي ناياب ترين شي زندگي پنهنجي پوين پساهن ۾ هوندي.

اوهان جيڪڏهن زمين جو ڪجهه لک سال اڳتي جو مستقبل ڏسڻ ٿا چاهيو ته اوهان سياري وينس يا زهره کي ڏسو جنهن کي living hell جيئرو جاڳندو جهنم چئبو آهي.

Post a Comment

spam links are not allowed.

Previous Post Next Post