ثقافت جو اڀياس The Study of Sindhi Culture


 

ثقافت جو اڀياس

ثقافت عربي ٻولي جو لفظ آھي جيڪو "ثقف” مان نڪتل آهي جنھن جو مطلب آهي: چالاڪ يا ذهين ٿيڻ، عقل وڌائڻ جي معنيٰ ۾ بہ استعمال ٿئي ٿو.

اصطلاحي اعتبار سان ان جون مختلف معنائون بيان ڪيون ويون آھن.

نامور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب:

جغرافيائي حالتن، انساني ارتقا جي تاريخ ، زبان ۽ مذهب کان متاثر ٿي، انسانن پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا آهن، اهي سڀ ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿا

 

لسانيات جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو چوڻ آهي تہ:

هڪ پاسي انسانن جي مادي زندگيءَ لاءِ ضروري شين جهڙوڪ: اوزار ،هٿيار، لباس ۽ رهائش کي ته ٻئي پاسي غير مادي يعني روحاني زندگيءَ سان تعلق رکندڙ شين جهڙوڪ مذهب ۽ اخلاق، علم ۽ فن، زبان ۽ ادب، اصول ۽ قانون، معاشرتي رواج ۽ ريتن رسمن کي ثقافت چئبو آهي.

آسان لفظن ۾ اھو چئي سگھجي ٿو تہ انسانن جي زندگي گذارڻ جو طريقي کي ثقافت چئبو آھي.

مطلب انسان جھڙي طرح زندگيءَ گذاري ٿو جيڪا پوشاڪ پائي ٿو، کاڌو کائي ٿو، ڌنڌا پيشا اختيار ڪري ٿو، رسمون رواج جوڙي ٿو انھن سڀني کي ثقافت ڪوٺيو وڃي ٿو.

ثقافت لاءِ انگريزي ۾ ڪلچر (Culture) لفظ استعمال ٿئي ٿو.

 

اسلام جو قومن جي ثقافت جي باري ۾ موقف:

 

اسلام ھڪ عالمگير دين آھي جيڪو پنھنجي مڃڻ وارن کي انساني ايڪي ۽ ٻڌي تي زور ڏيڻ سان گڏ مختلف قومن جي ڌار ڌار تھذيب، تمدن ۽ ثقافت کي وڏي اھميت ڏيئي ٿو، انھن جي وجود کي مڃي ٿو انھن جي نسلي، لساني ۽ تھذيبي روايتن کي ختم نہ ٿو ڪري، اسلامي تاريخ جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي تہ ماضي ۾ ڪيترين ئي موقعن تي اھڙي قسم جي روايتن کي نہ فقط برقرار رکيو ويو پر انھن کي وڌڻ ويجھڻ جا موقعا بہ فراھم ڪيا ويا، ڪنھن بہ دور ۾ ڪنھن بہ قوم کي پنھنجي نسل، خاندان ۽ قوم سان تعلق رکڻ کان نہ روڪيو ويو، نہ ڪنھن کي پنھنجي ٻولي ڇڏي ڪنھن خاص ٻولي ڳالھائڻ تي مجبور ڪيو ويو، نہ وري ڪو مخصوص لباس پائڻ لازم قرار ڏنو ويو، نہ ئي ڪنھن قوم جي تھذيبي ۽ ثقافتي روايتن(جيڪي اسلامي تعليمات جي منافي نہ آھن) کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

شاھ ولي الله محدث دھلوي رحمة اللہ عليہ لکن ٿا:

شريعت سڳوري ڪنھن قبيلي جي ماڻھن جي عادتن ۽ علائقي جي مخصوص حالتن کي پوري اھميت ڏيئي ٿي اھو مشھور قول بلڪل صحيح آھي ته شريعت زبان ۽ مڪان جي ويڇن کان بلند آھي ان جو مثال ان مِينھن وانگر آھي جو آسمان مان صاف ۽ لطيف صورت ۾ وسي ٿو پر پوءِ زمين تي پوڻ کانپوءِ ان ۾ ھوا ۽ معدنيات جو اثر پيدا ٿي پوي ٿو تنھن ڪري زمين جي ھڪ ڀاڱي ۽ ٻئي ڀاڱي جو پاڻي ھڪ جھڙو نه ھوندو آھي.

شاھ ولي اللہ رحمة اللہ عليہ ھڪ ٻئي ھنڌ لکن ٿا شريعت جو مقصد فقط ماڻھن جي انھن عادتن ۽ طور طريقن جي اصلاح ھوندي آھي جيڪي طريقا انھن ۾ رائج ھوندا آھن شريعت اھڙين شين سان بحث ئي نہ ڪندي آھي جن کان ماڻھو واقف نہ ھجن.

قوميت ھڪ تجزيو ھڪ مطالعو صفحو: (15)

 

قرآن پاڪ ۾ مختلف قومن ۽ نسلن جي وجود کي واضح طور نہ صرف تسليم ڪيو ويو آھي پر ٻولي ۽ رنگ جي اختلاف کي اللہ تعاليٰ جي نشانين منجھان ھڪ نشاني پڻ سڏيو ويو آھي جيئن قرآن پاڪ ۾ فرمانِ خداوندي آھي:

 

ترجمو: ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۽ توهان جي ٻولين ۽ توهان جي رنگن جو ڌار ڌار ھجڻ اھو اللہ جي نشانين منجھان آھي بيشڪ ان ۾ علم وارن لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.

سورة الرُّوۡمِ آيت )22(

 

بھرحال قرآن و سنت ۽ تاريخ اسلامي جي مطالعي ڪرڻ سان اھا پروڙ پوي ٿي تہ شريعت جي دائري ۾ رھندي ھر قوم پنھنجي قومي، تھذيبي ۽ ثقافتي روايتن کي برقرار رکندي ان تي عمل ڪري سگھي ٿي.

 

سنڌ جي ثقافت

 

ھر قوم جي پنھنجي پنھنجي مخصوص ثقافت ھوندي آھي جنھن سان ھو ٻين قومن کان نمايان ۽ الڳ حيثيت سان سڃاتي ويندي آھي سنڌ ماٿريءَ ڌرتي جي گولي تي ھڪ اھڙو ٽڪرو آھي جاٿي قدرت جا اھڙا رنگ ڀريل آھن جنھن سببان ھي خطو آڳاٽي وقت کان وٺي برصغير ۾ ھميشہ الڳ حيثيت سان سڃاڻپ رکندڙ آھي.

ھتان جي رھاڪن جو لباس، کائڻ، پيئڻ اٿڻ، ويهڻ ۽ ملڻ جو شاندار سليقو، پيار، محبت ۽ ڀائيچارو، ھتان جو هنر ۽ ڪاريگريون جن ۾ فنِ خطاطي، جنڊيءَ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، تڏا ۽ تئونريون، ڀرت ۽ رليون شامل آھن، رانديون ۽ وندرون، لوڪ ڏاهپ جا قصا، ڪچھريون، ميلا ملاکلڙا، ريتون رسمون، مھمان نوازي، اھي سڀ سنڌ جي ثقافت جون انفرادي خصوصيتون آهن. سنڌ جي ثقافت ۾ ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي جھڙا شاندار لباس پڻ شامل آھن.

هتان جي مهڪدار مٽيءَ جو مانُ علم ۽ ادب جي ڪري بہ مٿانهون رھيو آھي ان ڪري هن سرزمين جو دنيا ۾ وڏو نالو ۽ هاڪ هئي اها هاڪ ٻڌي ڪيترن ئي علم ۽ عقل وارن هن تهذيب کي ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ڪي وري هن سر زمين تي اچي اها آس پوري ڪري ان جو اظهار ڪيو.

مشهور مسلمان سياح ابن بطوطه جيڪو قلندر لعل شهباز کانپوءِ سنڌ گهمڻ آيو هو تنهن لکيو آهي ته سومرن واري دور ۾ سنڌ جون درسگاهون، معياري لحاظ کان ايران ۽ سينٽرل ايشيا جي درسگاهن جي مد مقابل هيون، انهن اگهم ڪوٽ واري درسگاھ ۾ پنج سو شاگرد قرآن شريف ۽ فقه پڙهندا هئا، ان کانسواءِ ٻيا مدرسا بہ هئا، جن سڀني جو خرچ پکو سومرا زميندار ۽ وڏيرا ڀريندا هئا جي نيڪ ۽ ديندار هئا. ابن بطوطه اهي مدرسا ۽ خانقاهون ڏٺيون هيون.

سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾، سنڌ جي مختلف شهرن ۾، وڏن وڏن عالمن جا مدرسا ۽ مڪتب هوندا هئا جن جي دنيا ۾ وڏي هاڪ هئي. ڪوٽڙي ڪبير، درٻيلو، نصرپور، ممڙ، بوبڪ ۽ ٺٽو علمي لحاظ کان اوچي پد تي نظر اچن ٿا. “سيوهڻ ۾، ‘فقه الاسلام’ نالي مدرسو هو، جنهن لاءِ روايت آهي ته، قلندر شهباز قائم ڪيو هو. ٻي روايت آهي ته، قلندر شهباز اُن کي زور وٺايو هو ۽ اُن جهڙو عاليشان مدرسو سڄي سنڌ ۾ ڪونه هو.”

(مقالو سنڌ جي ثقافت جو اڀياس مصنف زاھد ابڙو بحوالہ سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ صفحو: م348 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ)

 

2009ع ۾ پرڏيھي دوري دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران سنڌي ٽوپي پائي وڃڻ تي ڪجھ ماڻھن طرفان مٿس تنقيد ڪئي وئي جنھن جي رد عمل ۾ تڏھن کان سنڌ ۾ ڊسمبر جي مھيني ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ تي يقيناً ڪنھن بہ سنڌ واسي کي ڪو اعتراض نہ ٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ ثقافت سان ئي قومون زندھ رھنديون آھن ليڪن اڄڪلھ ثقافتي ڏھاڙي تي سنڌي ثقافت کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي حقيقي ثقافت کي ڇڏي اھڙيون غلط رسمون متعارف ڪرايون پيون وڃن جن جو سنڌي ثقافت سان ڪنھن بہ قسم جو ڪو تعلق ڪونھي جھڙوڪ: نوجوان ڇوڪرين کي سري عام روڊن تي نچائڻ، ڇوڪرين کي پٽڪا ۽ ٽوپيون پارائڻ، ناچ گانن ۽ بي حيائي تي مشتمل پروگرام ڪرڻ وغيرہ وغيرہ.

اھا اسان سنڌين جي ثقافت ناھي سنڌ جي ثقافت ۾ جاٿي مردن لاءِ اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو آھي اتي عورتن لاءِ پردو ۽ چارديواري آھي سنڌي سماج ۾ عورت سان ھميشہ عزت ۽ احترام وارو ورتاء رھيو آھي سنڌي سماج ۾ عورت جي ايتري عزت ۽ احترام رھيو آھي جو نياڻي ميڙ وٺي اچڻ تي ست خون بہ معاف ڪيا ويندا آھن.

تنھن ڪري نياڻين کي روڊن تي نچائڻ بدران دنيا کي ٻڌايو تہ اسان سنڌين وٽ عورت جي ڪيڏي عزت ۽ احترام آھي.

بھرحال ڊسمبر جو مهينو اسان لاءِ ثقافتي خوشيون تہ کڻي اچي ٿو پر ان ۾ اسان کي ثقافت جي آڙ ۾  غلط رسمن ۽ بي حيائي وارن ڪمن کي ڇڏي سنڌ جي حقيقي ثقافت کي صحيح رخن ۾ دنيا آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنھنجي نوجوان نسل کي سنڌ جي حقيقي ثقافت کا آگاھ ڪرڻ گھرجي ۽ رنگ برنگي ڪپڙن، ٽوپين، پَٽَڪَن ۽ اجرڪن سان پاڻ کي جرڪائڻ سان گڏوگڏ  تعليمي، سائنسي ۽ ادبي سرگرمين جو اھتمام پڻ ھئڻ گھرجن.

۽ اھو بہ ياد رکڻ گھرجي تہ سنڌ ڌرتي شروع کان مذھبي رھي آھي اسلام کان پھرين ٻڌ مت ۽ ھندو مذھب کي مڃڻ وارن جي اڪثريت رھي آھي ۽ اسلام جي اچڻ کان بعد برصغير ۾ سڀ کان پھرين سنڌ ۾ اسلام جو نور چمڪيو ۽ پوءِ ان جو لاٽون ھتان کان برصغير جي ٻين علائقن تائين پھتيون جنھن سبب سنڌ کي "باب الاسلام" جھڙي خوبصورت لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ھڪ وڏو اعزاز آھي تنھن ڪري ثقافتي ڏھاڙي تي اُن ڌرين جي موقف کي بہ ٿُڏي رد ڪرڻ جو عزم ورجائڻو آھي جيڪي سنڌ سونھاري کي الحاد ۽ بي ديني جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائڻ ۽ نوجوانن کي بي دين بڻائڻ چاھين ٿا.

سنڌ "باب الاسلام" ھئي، آھي ۽ ان شاءَ اللہ قيامت تائين رھندي.

 

Post a Comment

spam links are not allowed.

Previous Post Next Post