آدم ڳڻپ ۽ اعتراض مصطفيٰ اياز مهيري

 آدم ڳڻپ ۽ اعتراض

مصطفيٰ اياز مهيري

وڏيرو صوف اڃان مس اچي اوطاق تي پهتو هو ته سامهون ڏٺائين موٽرسائيڪل تي هڪ وردي وارو ۽ ھڪ بنان وردي جي اوطاق طرف اچي رهيا هئا کيس شڪ نه پر پڪ ٿي ته پوليس سندس ڪمندار پويان ئي آھي جنهن گذريل رات پاڻي جي واري دوران ڀر واري زميندار جي هاري کي مارڪٽ ڪري ان جي حصي جو پاڻي چوري ڪيو هو، هونئن ته وڏيرو صوف بلڪل آڱوٺي ڇاپ هو پر تر جو وڏو زميندار هئڻ ڪري تپيدار ۽ حد جي صوبيدار تائين سندس رسائي ضرور هئي سو کيس تعجب ٿيو ته صوبيدار کيس ٻُڌائڻ بنان وردي سان سپاهي آخر ڪيئن موڪليو ؟ تيستائين موٽرسائيڪل تي سوار به اچي اوطاق تي پهتا خبرون چارون ٿيون ته وڏيري کي پتو پيو ته ملڪ ۾ خلق خدا جي ڳڻپ پئي ٿئي ته وڏا ننڍا مرد عورتون ڪُل گهڻي تعداد ۾ آھن. وڏيري ڪمندار کي گهرائي چيو ته هو سواء سامهون پاڙي واري مخالف گهرن جي باقي سمورن ڳوٺاڻن جي ڳڻپ ڪرائي ۽ ڳوٺاڻن کي اهو به ٻُڌائي ته هن آدم ڳڻپ کانپوء ڳوٺ ۾ باقي رهيل ڳوٺاڻن کي به خيراتي ڪارڊ ملندو، وڏيري صوف کان موڪلائي ماستر مانجهي ۽ سلو سپاهي جيئن واھ جي پل ڪراس ڪري گهاٽن وڻن ۽ وڏي لوڙھي واري ڳوٺ پهتا ته هڪ همراء ڪهاڙي اُڀي ڪندي چيو ته پوليس کي همت ڪيئن ٿي اسان جي در تي اچڻ جي ؟ اسان ڪو چور لوفر آھيون ڇا جو اسان جي اڳڻ تي پوليس اچي ؟ سپاهي سلو کي اچي ساھ جي لڳي سو صفا چپ ٿي بيهي رهيو پر ماستر مانجهي جيڪو يونيورسٽي جي ڪينٽين کان وٺي دادن ڌوٻي تائين داٻن سان فري سروس حاصل ڪري چڪو هو تنهن ڪهاڙي واري همراء کي داٻي سان چيو ته ڪهاڙي هيٺ ڪر، هي جيڪا منهنجي هٿ ۾ مشين (ڊوائس) ڏسي پيو ان اڳيان تنهنجي ڪهاڙي ڪجھ ناهي اسان ماڻھو ڳڻپ ڪري رهيا آھيون اوهان جي ڳوٺ ۾ جيڪي به رهواسي آھن تن جي ڳڻپ ٿيندي جي اوهان اعتراض ڪيو ته اوهان جي ڳوٺ کي اڳتي نه ڪا امداد ملندي ۽ نه ڪو روڊ رستو ڪهاڙي واري همراء جي ڪاوڙ لٿي ته چيائين ماڻھن جي ڳڻپ تي اعتراض ناهي پر پوليس تي اعتراض آھي اڳ به ايئن ٻه پوليس اهلڪار موٽر تي سوار ٿي آيا هئا ويندي ويندي روڊ تان ڀلو ٻڪر زوري کڻي ويا ۽ ٻيو اعتراض اهو آھي ته سامهون ڳوٺاڻا سمورن ڳوٺن ۾ اهو ڍنڍورو پکيڙيندا ته حاجين جي ڳوٺ تي پوليس چڙھائي ڪئي آھي. ڊجيٽل آدم ڳڻپ تي نه رڳو سنڌ جي قومپرست پارٽين کي اعتراض آھي پر سنڌ سرڪار کي خود به تحفظات آھن پر وفاقي سرڪار جو حصو هجڻ ڪري پ پ پ ان ڪُراڙي جيئان پئي لڳي جيڪا روئي به رهي هئي ته رٻ به پي رهي هئي، هاڻوڪي ڊجيٽل آدم ڳڻپ ڏاڍي دلچسپ آھي روز نوان قصا ٻُڌڻ لاء ملي رهيا آھن ڊيوٽي گڏ ڪندڙ سپاهي ۽ ماستر به پاڻ ۾ نٿا ٺھن تنهن آدم ڳڻپ جا نتيجا به اهڙا ملندا ،

 تازو هڪ پوليس اهلڪار جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آھي جنهن ۾ ھو روئندي دانهي ٿو ته نه ماستر پاڻ ٿو ماني کائي نه کيس ٿو کائڻ ڏي، هاڻ سپاهي کي ڪير سمجهائي ته آء بي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويچارن ماسترن کي سال کان پگهار ئي ڪونهي مليو هو ماني ڪٿان کائن. آدم ڳڻپ دوران عملو هڪ ڳوٺ ۾ پهتو ته ٻاويھ گهرن مان فقط ٻن گهرن ۾ گهرڀاتي موجود هئا باقي سڀ گهر خالي پڇا ڪرڻ تي اتي موجود ڳوٺاڻن ٻُڌايو ته اهي گهر انهن خوشنصيب ڳوٺاڻن جا آھن جن کي هر ٽن مهينن کانپوء سرڪار في زناني ڪارڊ تي 12 هزار ڏيندي آھي سي عارضي طور شھر جي ويجهو وڃي ويٺا آھن چيائون پئي ته ڀلاري مهيني جي پهرين تاريخ تي کين اهي پئسا ڏنا ويندا، ٻي طرف وري ٿرپارڪر توڙي لاڙ مان به هزارين ماڻھو ڪڻڪن جي لابارن ۽ ڦُٽين جي رونبي جي مزدوري لاء بيراجي علائقن ڏانهن هليا ويا آھن سو عملي لاء اهي پريشانيون به وڌيل آھن. هن آدم ڳڻپ تي سڀ کان وڌيڪ تحفظات ته سنڌ واسين کي آھن جو نه رڳو ڪراچي پر قبو سعيد خان کان ويندي ڪارونجهر تائين پرڏيهي پهچي چڪا آھن جن جي نه مادري زبان سنڌي آھي نه هو سنڌي لکرائڻ پسند ٿا ڪن. الله سنڌين جا ويڙھا وسائي صدورن هن وقت جيڪي ماسترن کي سور ڏنا آھن سي به ماستر ياد ڪندا، هڪ ڳوٺ ۾ ماستر ڊيٽا ڪليڪٽ ڪري رهيو هو ته هڪ ڳوٺاڻي کان پڇيائين ته اولاد گهڻو اٿئي ؟ چيائين مرشد جي دعائن سان ست پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد اٿم ماستر پڇيو وڏو پٽ ڪڏھن پيدا ٿيو هو ؟ چيائين جڏھن سنڌو درياء کي مولچند ٻيلي وٽان ڪٽ لڳو هو تڏھن ان کانپوء ٻيو پٽ ان سال ڄائو هو جڏھن وڏي مينهن ۾ ولو واري وٿاڻ تي کنوڻ ڪري هئي ٽيو پٽ تڏھن ڄائو هو جڏھن وڏيري وسايو يونين ڪائونسل جو چيئرمن ٿيو هو، ماستر جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا ساڳي ٽيم جڏھن ٻي پاڙي پهتي ته هڪ همراء پنهنجي پٽن جا نالا هن ريت ٻُڌايا وڏي پُٽ کي دوڦ چئو وچٽ کي ڪُوري ننڍي کي گيدوڙو صفا آخري پٽ کي آئون گدڙ ۽ ماڻس ماڪوڙو سڏي ابا اهي ته اوهان جي پيار جا نالا هوندا پر ب فارم ۾ نادرا آفيس ۾ جيڪي نالا لکرايا اٿئو سي لکايو ماستر چيو، همراء وراڻيو نادرا واري فارم جي ته خبر ڪونهي باقي اوهان کي جي سرڪاري نالا ٿا گهرجن ته صبح جو سرڪاري اسڪول تي وڃي ماستر کان پڇا ڪجو اسان جي ڳوٺ جي اڌ نوجوانن جا سرڪاري نالا هڪڙا آھن ته اسان مائٽن جا نالا وري پنهنجا هجن ٿا. جيتوڻيڪ آدم ڳڻپ تي اعتراض ته سڀني کي آھن پر دلچسپي ڪنهن کي به ڪونهي نه ڪا سياسي جماعت عملي دور هن سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل خلاف لاڀائتي تحريڪ هلائي سگهي آھي نه گهر گهر وڃي قوم کي آگاهي ڏيئي سگهي آھي ته جي پاڻ سستي ڪري پنهنجي ڳڻپ نه ڪرائي سگهياسين ته ڪيترو قومي نقصان کائينداسين ؟ وقت جي اهميت کي سمجهڻ بجاء وقت جي گذري وڃڻ جو انتظار پيو ڪيو وڃي.


 

Post a Comment

spam links are not allowed.

Previous Post Next Post