ڇا سحري کائڻ کانسواءِ روزو رکڻ جائز آهي؟ کیا سحری کھائے بغیر روزہ رکھ سکتے ہیں؟

 

roza without sehri

سحري ڪرڻ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي سنت آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم سحري کائڻ جو حڪم ڪيو ۽ ان جا فضائل ۽ احسان  پڻ بيان ڪيا. پاڻ سڳورن صه فرمايو ته؛

تَسَحَّرُوا فَإِنَّ فِي السَّحُورِ بَرَكَةً

سحري کائو ڇو ته سحري برڪت واري آهي.

صحيح بخاري ، السند ، 2: 678 ، حديث  نمبر 1823 ، در ابن کثير الامامہ بيروت

صحيح مسلم ، 2: 770 ، حديث  نمبر 1096 ، دار الاحيا الترغت العربي بيروت

پاڻ سڳورن صه اهو به فرمايو ته؛

فَصْلُ مَا بَيْنَ صِيَامِنَا وَصِيَامِ أَهْلِ الْكِتَابِ أَكْلَةُ السَّحَرِ.

اسان ۽ اهل ڪتاب جي ماڻھن جي روزن ۾ فرق صرف سحري جو آھي.

صحيح مسلم ، 2: 770 ،  حديث نمبر 1096

احمد ابن حنبل ، 4: 197 ، حديث نمبر 708

مٿين حديثن مان ظاهر آهي ته سحري ڪرڻ عبادت ، برڪت ۽ ثواب جو هڪ سبب آهي. البته ، جيڪڏهن ڪو شخص سحري جي وقت سجاڳ نه ٿئي يا سحري جو بندوبست نه ڪري سگهي، ته هو سحري کي کائڻ کان سواءِ به روزو رکي سگهي ٿو. سحري کائڻ کان بغير روزو صحيح ٿي ويندو ، پر توهان سحري جي نعمتن ۽ ثواب کان محروم ٿي ويندا. تنهن ڪري ،اهل ڪتاب جي ماڻهن جي مشابهت جي ڪري ڄاڻي واڻي سحري نه کائڻ جائز ناهي

والله اعلم باالصواب

 

 

DANDO TV

As Above

Post a Comment

spam links are not allowed.

Previous Post Next Post